عمان-24 آڪٽوبر (اي پي پي)اردن غزه ۾ اسرائيلي وسندين جي تعمير لاءِ اسرائيلي وزي??ن جي بيانن ۽ ڪنيسٽ (پارليامينٽ) جي ميمبرن پاران ڪيل اپيلن جي شديد مذمت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اردن جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سفير سفيان القضا انهن مطالبن کي عالمي قانون ۽ انساني قانون جي خلاف ??رزي قرار ڏيندي چيو آيه ته اهي مطالبا اهڙي خلاف ??رزي آهن جيڪي خارجي ذ??نيت جي عڪلاسي ڪن ٿا جنهن تي عالمي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڀريو ته غزه ۾ اسرائيلي آبادڪاري جا مطالبا غزه خلاف جارحيت جاري رکڻ ۽ طاقت ذريعي نيون حقيقتو?? مڙهڻ جي ڪوشش ۾ غزه جي رهواسين تي خوراڪ ۽ دوائن جي داخلا روڪڻ جي اسرائيلي انتهاپسنداڻي پاليسي جي توسيع آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذ??يواريون پوريون ڪري، خاص ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل تي غزه خلاف ??نهنجي جارحي?? روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. واضح رهي ته اسرائيلي وزير ۽ ڪينسٽ ميمبر هاڻوڪن ڏينهن ۾ غزه تي قبضي ۽ اتي اسرائيلي وستين جي تعمير جا مطالبا ڪيا.
اردن جي غزه ۾ وسندين جي تعمير بابت اسرائيلي وزيرن جي بيانن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات