رياض-19 نومبر (اي پي پي) سع??دي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته اسرائيل جارحيت خطي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي. العربيه اردو موجب سع??دي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ جاري اسرائيلي جارحيت انساني فسادن کي جنم ڏنو آهي ۽ جارحيت خطي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي، قانون ۽ عالمي ادرن جي ساک تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سڄي ??نيا جي ملڪن جو اهو موقف آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ فوري ??ند ڪئي وڃي، ??غير ڪنهن رڪاوٽ جي انساني امداد کي پهچڻ ڏنو وڃي. يرغمالين کي آزادڪيو وُڃي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي مستقل امن جي سنجيده پاسداري کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته دنيا کي هن وق?? ڇڪتاڻ، فوجي تڪرار ۽ انساني بحران درپيش آهي، ??هي شيون ترقي جي هدف کي يقيني بنائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ