اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ??منون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان کي انهن عملن تي گهري نظر رکڻي پوندي جيڪي ڪڌن مقصدن ۽ بدنيتي سبب ڇڪتاڻ کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ نازڪ معاملن ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري غلط فهميون وڌائڻ چاهين ٿا. پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران افغان شاگردن جي لاءِ ٽي هزار اسڪالرشپسس ڏيڻ بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ??ي وچ ۾ لا??اپن جو بنياد رڳو جاگرافيائي ويجهڙائپ نه آهي پر ٻئي قومون رت، ثقافت، تاريخ ۽ عقيدي جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، اهو ئي تعلق هو جنهن سبب اسان جي ابن ڏاڏن ??ي وچ ۾ سدائين ويجها ۽ پرجوش لا??اپا رهيا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ