اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قي??تن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قي??تن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چي?? ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قي??تن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آ??ي. ??زيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چي?? ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قي??تن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪن??ن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قي??تن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن.
وزيراعظم موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر