اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي وزيراعظم عمران خا?? تي اعتم??د جي قرارد??د جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي 178 ميمبرن وزيراعظم عمران خا?? تي اعتم??د جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي ق??مي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خا?? 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت ق??مي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتم??د جو ووٽ ڏنو هو. ق??مي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم عمران خا?? تي اعتم??د جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر ايوان ۾ ووٽن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ان جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃي پنه??جو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اسپيڪر اعتم??د جي ووٽ جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايوان ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اسپيڪر سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسپيڪر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران پيش ڪيل قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارد??د جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايوان ۾ موجود رهيو. اسپيڪر چيو ته جيڪي ميمبر اعتم??د جو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنه??جو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ ق??مي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنه??جو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم عمران خا?? به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنه??جو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايوان ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اسپيڪر قرارد??د جي حق ۾ وڌل ووٽن جي انگ جو اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتم??د جي قرارداد منظور ٿي وئي آهي. اسپيڪر چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خا?? 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 ووٽ حاصل ڪيا.
قومي اسيمبلي پاران وزيراعظم تي اعتماد جي قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا