اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر طرح جي امتياز ۽ حقن جي ??ائمالين جي خلاف جدوجهد جي ??اءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خصوصي طور تي مزدور جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ انهن جو تعاون اڻٽر آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي ??ائيدار ترقي لاءِ سندس خدمتون لائق تحسين آهن. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين، صدر چيو ته مزدورن جي جدوجهد معاشرتي ناانصافي، چائلڊ ليبر، جبري مشقت، رنگ، نسل، مذهب يا صنفي بنياد تي فرق ۽ هر طرح جي ??ائمالي جي خلاف مشعل راهه بڻجي ??ئي آهي. هن چيو ته ليبر قانونن جي جوڙجڪ کان گهڻو پهرين اسلام مزدورن جي حقن ۽ وقار کي حرمت ڏني، اسان جي ??بي حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۾ مزدور جي ??قار ۽ حقن جي احترام جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، انهي بنياد تي اسان سمجهون ٿا ته مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مزدور ۽ مالڪ جو تعاون اڻٽر آهي.
مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری