رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمي??تي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان ماحول جي بهتري لاءِ 10 بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي، موسمي??تي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا کي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي، آمريڪا آءِ ڊي ايف سي جي ذريعي موسمي??تي تبديلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏي، پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ ڪردار اد?? ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات بابت آمريڪي خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) سمٽ جي موقعي تي و??يراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. پاڪستان حڪومت پاران موسمي??تي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمريڪي خصوصي نمائندي کي موسمي??تي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجن بابت پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ ماحولي??تي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سميت پاڪستان جي قدمن ۽ تجربن کي اجاگر ڪيو. ماحولي??تي تبديلي ۽ ماحوليات تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعاون جو ذڪر ڪندي و??يراعظم عمران خان تازو ئي منعقد ٿيندڙ يو ايس پاڪستان ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ماحوليات بابت پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪئي و??ي. آمريڪا جي خصوصي ايلچي جان ڪيري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي گڏيل هم آهنگي جي شعبن بشمول آبهوا ۽ ماحوليات ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هن موسمي??تي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو. آمريڪي انتظاميا پاران موسمي??تي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان جان ڪيري و??يراعظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ بائيڊن انتظاميا پاران يو اين ايف سي سي سي ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي 26) ۾ موسمي??تي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اتفاق راءِ پيد?? ڪرڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي موسمي??تي تبديلي جي اثرن جي خلاف گڏيل طور تي مفيد موقعن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي خيالن، تجربي ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا موسمي??تي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو ايس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن م اضافي جي امڪانن جو جائزو وٺي ته جيئن پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ موسمي??تي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. آمريڪي خصوصي نمائندي چيو ته انهن شعبن ۾ تعاون جي و??يع گنجائش موجود آهي ۽ هن متبادل ذريعن سان بجلي جي پيداوار جي منصوبن سميت ٻطرفي تعاون جي موقعن جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ان سلسلي ۾ تعاون جي موثر فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ اڳتي جي قدمن جي تعين جي لاءِ وي??هو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جو قيام ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري کي عملي طور تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته افغان عوام جي ڀلائي جي لاءِ مثبت رابطن ۽ اقتصادي و??يلن ۽ مالي??تي اثاثا جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو