اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ کان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برق??ار رکندي وفاق?? بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف سونير?? بئنڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ بئنڪ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم ڪنهن ??ير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر ان ڏس ۾ جاري پنهنجي فيصلي ۾ ق??ار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته بئنڪ انتظاميا پاران بدانتظامي ۽ بي ضابطگي ثابت ٿي آهي. جڏهن ??ه بئنڪنگ محتسب پاران پڻ بئنڪ کي فراڊ جي ان شڪايت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونير?? بئنڪ جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره برانچ ۾ اڪائوٽ کوليو ۽ ان وقت بئنڪ مئنيجر کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي ل??ءِ 20 لک رپيا يعني 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ??ه بئنڪ مئنيجر 20 لک جي هڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. شڪايت ڪندڙ يعني اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي هڪ ئي سيد ڏيڻ تي اص??ار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن ??ڪايت ڪندڙ بئنڪ مان پنهنجي رقم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل رقم موجود نه آ??ي جنهن ??ي شڪايت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر بئنڪ جي ل??ڳاکيل اعليٰ عملدارن کي 20 لک جي جمع ڪرايل رقم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ڏنيون جڏهن ??ه ڪا شنوائي نه ٿي جنهن ??ي رقم واپس نه ملڻ تي شهري وفاق?? بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ??ي ڪارروائي دوران ثابت ٿيو ته جمع ڪرايل رقم جون رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان تي ان وقت جي اڳوڻي مئنيجر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفاق?? بئنڪنگ محتسب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونير?? بئنڪ کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سونير?? بئنڪ وفاق?? بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جڏهن ??ه صدر وفاق?? بئنڪنگ محتسب جي فيصلي کي برق??ار رکيو ۽ بئنڪنگ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم وڌيڪ ڪنهن ??ير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ ق??ار ڏنو آهي ته قانون تحت بئنڪنگ محتسب بئنڪن جي بدانتظامي، بي ضابطگين ۽ عملدارن جي بدعنواني ۾ جاچ ڪرڻ ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.
صدر پاران فراڊ کان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار، وفاقي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي خلاف سونيري بئنڪ جي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا