اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آه?? ته ٻاهر کان پرڏيهي پاليسي کي متاثر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ملڪي مفاد تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، ملڪ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي ڪيترن ئي مهينن کان خبر آهي، ڪنهن جي آڏو نه جهڪيو آهيان ۽ نه ئي قوم کي جهڪڻ ڏيندس، اڄ جي دور جو پاڪستان ڪنهن جي غلامي قبول نه ڪندو، ٻاهر??ين فنڊنگ سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسان کي خبر آه?? ته ڪٿان ڪٿان دٻاءُ اچي رهيو آهي، ٻاهر??ين سازش جا تفصيل وقت اچڻ تي قوم کي ٻڌائيندس، ٻين جي غلامي ۽ ٻين کان گهرندڙ قومون ترقي نه ٿيون ڪن، قاتل ۽ مقتول کي گڏ ڪرڻ وارن بابت به خبر آهي، جمهوري ليڊر لڪڻ بدران عوام وٽ وڃي ٿو. پريڊ گرائونڊ ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي وزي??اع??م عمران خان چيو ته سڀ کان اڳ آئون پنهنجي قوم جا ٿورا مڃان ٿو جيڪا ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان هتي آئي، جهڙي طرح سڄي ملڪ مان ماڻهو آيا آئون سچي دل سان ٿورا مڃان ٿو. وزي??اع??م عوامي جلسي ۾ موجود قومي اسيمبلي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته مون کي خبر آه?? ته انهن ميمبرن کي جهڙي طرح جي لالچ ڏني وئي، پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ٿي، ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون کي پنهنجي انهن ميمبرن تي فخر آهي. وزي??اع??م چيو ته اڄ جو جلسو امر بالمعروف جي عنوان تحت ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي قوم کي ياد رکڻ گهرج?? ته اسان جو ملڪ هڪ نظريي تحت وجود ۾ آيو هو. نظريه پاڪستان اهو نظريو هو ته اسان کي پنهنجي ملڪ کي مديني جي رياست جي طرز تي اسلامي فلاحي رياست طور بيهارڻو آهي. وزي??اع??م چيو ته مون کان ماڻهو پڇندا آهن ته آئون دين جي ڳالهه ڇو ڪندو آهيان، ڪجهه چوندا آهن ته آئون دين کي سياست جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهيان. وزي??اع??م چيو ته اڄ کان 25 سال اڳ جڏهن مون پنهنجي سياسي پارٽي ٺاه?? ته ان جو مقصد اهو ته اسان کي نظريه پاڪستان موجب پنهنجي قوم جي تعمير ڪرڻي آهي. وزي??اع??م چيو ته جيستا??ين اسان پنهنجي نظريي تي بيٺل نه هونداسين ته اسان ماڻهن جو هجوم ته هونداسين پر اسان قوم نه بڻجنداسين، نظريي تي قوم ٺهندي آهي. وزي??اع??م چيو ته مون کي تمام دير سان دين جي سمجهه آئي، 18 سالن جي عمر ۾ آئون پاڪستان کان ٻاهر هليو ويس ۽ ڪرڪيٽ کيڏي، جيئن جيئن مون کي دين جي سمجهه اچڻ شروع ٿ?? ته هڪ شيءَ واضح سمجهه ۾ آئ?? ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ جيڪا فلاحي رياست ٺاهي اها پاڪستان ۾ نه بلڪه دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ آهي، ناليواري اسلامي اسڪالر محمد عبده جڏهن پهريون ڀيرو يورپ ويو ته هن هڪ مشهور جملو چيو هو ته کيس يورپ ۾ مسلمان ته نظر نه آيا پر اسلام نظر آيو پر مصر ۾ کيس مسلمان ته نظر آيا پر اسلام نظر نه آيو. وزي??اع??م چيو ته جڏهن مون اولهه معاشري کي سمجهيو ته خبر پئ?? ته فلاحي رياست ڇا هوندي آهي، آئون پهريون ڀيرو برطانيا ويس ته اتي ڏٺو ته هڪ فلاحي رياست ڇا هوندي آهي، اتي ماڻهن جو مفت علاج ٿي رهيو هو، ٻارن جي لاءِ مفت تعليم هئي ۽ بيروزگارن کي الائونس ڏنو وڃي ٿو. اهڙي طرح غريبن کي انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عدالت ۾ مفت وڪيل ملن ٿا. وزي??اع??م چيو ته اسان جي نبي ﷺ دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلامي فلاحي رياست ٺاهي ۽ معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي مٿي اٿاريو، اسڪينڊي نيويا ۽ چين ۾ به مون انهن ئي شي?? کي ڏٺو، چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي. وزي??اع??م چيو ته جيڪو به معاشرو نبي ڪريم ﷺ جي حڪمن تي قائم ٿيندو ان ۾ برڪتون ۽ رحمتون نازل ٿينديون. نبي ڪريم ﷺ مديني جي فلاحي رياست ٺاه?? ته ان تي رحمتون آيون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مسلمان دنيا جي امامت ڪرڻ لڳا، صدين تا??ين مسلمانن دنيا جي قيادت ڪئي. وزي??اع??م چيو ته نظريه پاڪستان جو مطلب اهو هو ته رياست کي ڪمزور طبقي جو احساس هجي ۽ مون کي فخر آه?? ته اسان ان رستي تي نڪري چڪا آهيون، دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ يونيورسل هيلٿ سسٽم نه آهي، اسان جي حڪومت نبي ڪريم ﷺ جي تعليم موجب هر خاندان کي 10 لک رپين تا??ين جي صحت جي انشورنس ڏني آهي، مون کي فخر آه?? ته پاڪستان ۾ اسان انشورنس متعارف ڪرائي جنهن جي ڪري غريب کان غريب ماڻهو به پرائيويٽ اسپتالن مان پنهنجو علاج ڪرائ?? سگهي ٿو. وزي??اع??م چيو ته احساس راشن شروع ڪيو ويو آه?? ته جيئن معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائ?? سگهجي، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 20 لک خاندانن کي وياج کانسواءِ قرض ڏنا پيا وڃن، انهن کي گهرن جي تعمير لاءِ بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن، انهي خاندان جي هڪ ڀاتي کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. وزي??اع??م چيو ته اسان جي دور ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ٿيو، اسان وٽ جڏهن گنجائش پيدا ٿ?? ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي في ليٽر 10، 10 رپين جي سبسڊي ڏني وئي جنهن تي 250 ارب جي لاڳت ايندي. اهڙي طرح بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ جي گهٽتائي ڪئي وئي، اسان وٽ جيئن جيئن پئسو ايندو اهو قوم تي خرچ ٿيندو. وزي??اع??م عوامي جلسي ۾ موجود لکين نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان کي ان جنون کي قابو ڪري پاڪستان کي دنيا جي عظيم قوم بڻائڻو آهي. وزي??اع??م چيو ته آئون 25 سالن کان ان نظريي تي بيٺل آهيان ۽ منهنجو ايمان آه?? ته ملڪ ان وقت ترقي ڪندو جڏهن اسان نبي ڪريم ﷺ جي سنت تي هلنداسين. اسان جي ڪوشش آه?? ته اميرن کي امير تر ڪرڻ بدران انهن کان ٽيڪس وٺي غريبن تي خرچ ڪيو وڃي. 5 سال جڏهن مڪمل ٿيندا ته قوم ڏسند?? ته ڪنهن به حڪومتي دور ۾ ايتري تيزي سان غربت ۾ گهٽتائي نه ٿي جيتري اسان جي دور ۾ ٿي آهي. وزي??اع??م چيو ته مديني جي رياست جو ٻيو اصول انصاف ۽ قانون جي حڪمراني هو، نبي ڪريم ﷺ جي تعليم اها هئ?? ته اسان کان اڳ قومون ان لاءِ تباهه ٿي ويون ڇو ته ننڍو چور جڏهن چوري ڪندو هو ته ان کي سزا ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن وڏو ڦورو چوري ڪر?? ته ان کي اين آر او ڏنو ويندو. اها رڳو پاڪستان جي نه پر سمورن غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي بدقسمتي آهي، غريب ملڪ ان لاءِ غريب نه آهن ته انهن وٽ وسيلا نه آهن پر ان جو سبب اهو آه?? ته انهن ملڪن ۾ وائيٽ ڪالر ڪرائيم ڪندڙن کي اين آر او ڏنو وڃي ٿو، انهن ملڪن ۾ چوري ڪري آف شور اڪائونٽ کوليا وڃن ٿا ۽ ان سان ٻاهر??ين ملڪن ۾ وڏا وڏا محل ٺاهيا وڃن ٿا. وزي??اع??م چيو ته اهي 30 سالن کان هن ملڪ جو رت چوسي رهيا هئا، انهن جا آف شور بئنڪ اڪائونٽ آهن. وزي??اع??م چيو ته سڄو ڊرامو ان لاءِ ٿي رهيو آه?? ته مشرف وانگر عمران خان گوڏا کوڙي انهن کي اين آر او ڏئي ڇڏي، انهن جي پهرين ڏينهن کان اها ڪوشش آه?? ته حڪومت ختم ٿئي، اهي چون ٿا ته اسان الله جي خاص مخلوق آهيون ۽ اسان جي چوري کي معاف ڪيو وڃي. وزي??اع??م چيو ته مشرف هن قوم تي ظلم ڪيو ۽ ڪرسيءَ بچائڻ جي لاءِ انهن چورن کي اين آر او ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اهي 10 سال ملڪ ڦريندا رهيا. وزي??اع??م چيو ته جيڪا مرضي ڪري وٺن، حڪومت وڃي ٿ?? ته وڃي، جان وڃ?? ته وڃي پر آئون ڪڏهن به انهن کي معاف نه ڪندس. اسان جي نبي ڪريم ﷺ قانون جي بالادستي قائم ڪئي هئي، حضرت علي رضه جو اونچو مقام آهي، هو وقت جو خليفو هوندو آهي ۽ هڪ يهودي جو ڪيس لڳي ٿو ته حضرت علي رضه ڪيس هارائي وڃي ٿو ڇو ته قاضي ان جي پٽ جي گواهي نه ٿو مڃي، اسلامي فلاحي رياست ۾ وقت جو خليفو به قانون جو پابند هوندو آهي، نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته منهنجي ڌيءَ جيڪڏهن چوري ڪر?? ته ان کي به سزا ملندي، مديني جي فلاحي رياست ۾ اقليتن کي به برابر جو شهري مڃيو ويندو هو ۽ انهن کي برابر جو انصاف ڏنو ويو. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ نفرت پکيڙن جي لاءِ نه پر انسانن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ آيا هئا ۽ انهن اقليتن کي برابري جا موقعا ڏنا.
ٻاهر کان پرڏيهي پاليسي کي متاثر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ملڪي مفاد تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ