لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي 193 پي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران ??ان ??سيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان ??ان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي. هن چيو ته وڏي وزير عثمان ??وزدار عاجزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن محنت سان ??اڍا ٽي سال گذاريا ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وقت ثابت ڪندو ته وڏي وزير جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، منهنجي نظر ۾ ان ??و قد وڌي ويو آهي. هن چيو ته پنج 6 مهينن ک??ن ٻاهرين سازش جو پلان ??ڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان ??و حصو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان ??ان گڏ بيٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏس??دس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ بيٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ??يزي سان ??دلجي رهيو آهي، تڪن ۾ سياست به بدلجي وئي اهي ۽ هاڻي سڀ قومي غيرت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي پورو يقين ڏياريان ٿو ته پارٽي توهان ??ان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان کي ڪامياب ڪرائيندي. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير عثمان ??وزدار چوڌري پرويز الاهي جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته وقت ثابت ڪندو ته هي هڪ بهترين فيصلو هو. هن چيو ته گڏيل سهڪار س??ن ٻنهي پارٽين کي سگهه ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن مجيد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.
جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania