اسلام ??باد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ يو اي اي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زيد النهيان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ يو اي اي جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم يو اي اي جي قيادت جي سٺي صحت ۽ ڀائر اماراتي عوام ??ي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. يو اي اي جي ولي عهد وزيرا??ظم پاڪستان کي عيد جي مبارڪباد ڏيندي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل ڊگهي مدي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. وزيرا??ظم يو اي اي جي پنهنجي تازي دوري دوران ولي عهد سان پنهنجي تفصيلي مشاورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار ميزباني تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم چيو ته گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ هو يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم پنهنجي يو اي اي جي تازي دوري جي فوري پوءِ گڏيل عرب امارات جو معاشي وفد موڪلڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ڀائرن عوام ??ي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آ??ي. وزيرا??ظم ولي عهد کي پنهنجي اولين فرصت ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي حصيداري عمل ۽ عالمي سطح تي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران يو اي اي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زيد النهيان کي ٽيليفون، عيد جي مبارڪ
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania