ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپ??ءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي وقت سر ادائيگي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ??ها به هدايت ڪئي ته قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي حوال?? سان جيڪي ڪوتاهيون ٿيون ۽ جيڪي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آ??ون اهي ورجايون نه وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثرين کي دوائون ۽ کاڌي پيتي جون شيون ترجيحي بنيادن تي پهچايون وڃن. هن امداد?? سامان جي فراهمي جي سمورن رڪارڊز کي محفوظ رکڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو دوري ۽ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت وزيراعظم آفيس کي هر ممڪن طور تي امداد ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه رکندي ۽ وزيراعظم جي هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados