مٺي – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا، سماجي ڀلائي واري کاتي، تعليم واري کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون ??ان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ساره جاويد جي قيادت ۾ ريلي ڪشمير چوڪ مٺي کان شروع ٿي پريس ڪلب مٺي تائين پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي مٺي جي مختلف اسڪولن، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٺي، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نارٿ ڪالوني، گورنمينٽ امر جڳديش بوائز هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۽ ٻين اسڪولن به ڪاري ڏينهن تي ڪشميرين ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ريليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ شاگردن ۽ مختلف طبقن ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بينر، ??هنڊا ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا، جن تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير زندهه آباد جا نعرا لکيل هئا.
ٿرپارڪر ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria