اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ??اهر ٻارن جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي تعليم ئي ??هترين مستقبل جي ضمانت آهي، چونڊيل جمهوري نمائندن کي تعليم جي فراهمي کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو، تعليم جي فروغ جي لاءِ سسرندي وارن کي به ميدان ۾ اچڻ گهرجي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ موجوده دور ۾ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”تعليم کان ??حروم ٻار، چئلينجز ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو) جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان انسٽيٽي??ٽ آف پارلياماني سروسز (پيپس) پاڪستان ??يچرز فورم جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، تعليمي ماهرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته علم جو فروغ ڪنهن به معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي، تعليم جو شعبو خاص طور تي اسڪولن کان ??اهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ جا مثبت نتيجا نڪرندا، تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ معاشري کي به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته ”آئ??ٽ آف اسڪول چلڊرن“ مان 10 سيڪڙو جو تعلق پاڪستان سان آهي جيڪو خوفناڪ آهي، ملڪ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي. صدر نوجوانن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائي پاڪستان کي اقتصادي طور تي مستحڪم بڻائي ??گهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان ??ان ڊاڪٽر ۽ انجنيئرز وڏي انگ ۾ تربيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا، اسان کي پنهنجي ترجيحن جو تعين ڪرڻ گهرجي، اسڪولن کان ??اهر ٻارن کي به تعليم جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم ۽ اسڪل اسٽيٽس کانسواءِ ايس ايم ايز ۽ فيصلاسازي جي عمل تي ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ابتڙ خطي جي ٻين ملڪن پرائمري تعليم تي پنهنجو ڀرپور ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اهي تعليم جي شعبي کانسواءِ اقتصادي ترقي ۾ به اڳتي وڌي وي?? آهن. هن چيو ته خطي جي ڪجهه ملڪن پرائمري جي تعليم ۾ 98 کان 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته بنگلاديش ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوبست ۽ عورتن کي بااختيار بڻائي ??رقي ڪئي ??هي، اسان کي پنهنجي ترجيحن کي صحيح ڪرڻو پوندو، اسلام ۾ عورتن کي وراثت جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته اسان کي انهن کي ڪاروبار ۾ به عورتن کي شامل ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته ٻارن جي تعليم جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون، تعليم ۽ ٻين شعبن جي ترقي جي لاءِ فيصلاسازي کي وڌائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏئي 10 سالن ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اسان کي ڀرپور قدم کڻڻا پوندا جنهن ۾ نيشنل ٽيچنگ ڪور جو قيام، اسڪولن کانسواءِ مسجدن ۽ ٻين جاين تي ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوبست ڪرڻ، استادن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن جي لاءِ اسڪولن ۾ کاڌي جو انتظام ڪرڻ به شامل آهي جڏهن ته اسان کي تعليم جي فروغ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي به استعمال ۾ آڻڻو پوندو. صدر چيو ته اسان تعليم نه ڏئي وڏي انگ لائق ٻارن کي محنت مزدوري ڪرڻ تي مجبور ڪريون ٿا، معاشري جي محروم ۽ اسڪولن کان ??اهر ٻارن کي تعليم جي زيور سان ??يس ڪرڻ جي لاءِ معاشري جي سرندي وارن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ پيپز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد انور صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي انهن کي اداري جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ??اهر ٻارن جي تعليم جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تقريب کي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه خطاب ڪندي چيو ته تعليم ۽ معيشت جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، پاڪستان ??اضي ۾ صحت، زراعت ۽ تعليم جي شعبي کي نظرانداز ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان انهن شعبن ۾ خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪافي پٺتي آهي. هن چيو ته اسڪولن کان ??اهر ٻارن جو گهڻو تعداد ڳوٺاڻي علائقن سان تعلق رکي ٿو جن ۾ ٻارڙين جو انگ وڌيڪ آهي. پاڪستان ??يچرز فورم جي چيئرپرسن سينيٽر فوزيه ارشد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ??يچرز فورم ان اهم مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته ڪيترائي ملڪي ۽ عالمي ادارا به تعاون ڪري رهي?? آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ 8 کان 16 سالن جي عمر جا 22.8 ملين کان ??ڌيڪ ٻار اسڪولن کان ??اهر آهن، انهن جي تعليم جي لاءِ قدم کڻي رهي?? آهيون ۽ ان سلسلي ۾ مهم جي شروعات وفاقي گادي واري شهر مان ڪئي پئي وڃي جنهن جي لاءِ جيڪا، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻيا ادارا تعاون ڪري رهي?? آهن.
ٻارن جي تعليم بهترين مستقبل جي ضمانت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر