اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چار سال کان پاڪستاني معيشت کي پنهنجي هٿان سان باهه لڳائيندڙ اڄ تنقيد ڪري رهيو آهي، 2016ع ۾ عمراني منصوبي جي شروعات ملڪ جي خلاف سازش جي شروعات هئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ آئيني ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو، 6.2 سيڪڙو ترقي ڪندڙ معيشت کي زوال پذير ڪيو، 3 س??ڪڙو مهانگائي جي شرح ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مالي سال 14 ?? 2013ع کان 18 – 2017ع ت??ئين 5 سالن تي ٻڌل اقتصادي اشارين جي مقابلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 19 – 2018ع کان 22 – 2021ع ت??ئين (چار سال) جي اقتصادي اشارين جو تقابلي جائزو پڻ شيئر ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea