اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته قرآن پاڪ جي تعظيم کي سختي ??ان ممڪن بڻايو وڃي، قرآن حڪيم جي ڪنهن نسخي يا ??قت??اس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پبليڪيشنز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اخبارن ۾ شايع ٿ??ڻ کانپوءِ قرآني آيتن ۽ انهن جي ترجمن جي بي حرمتي ٿئي ٿي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ۽ اهو عمل قرآن مجيد جي بي حرمتي بابت ڏوهن بابت موجود قانونن جي خلاف ورزي به آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ 295 پي ڪي شق XV جو حوالو ڏيندي خط ۾ چيو ويو آهي ته قرآن پاڪ جي نسخي يا ان جي ڪنهن به ??قت??اس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي ڪرڻ يا ان کي ڪنهن توهين آميز طريقي يا ڪنهن غيرقانوني مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات واري وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي درخواست ڪئي آهي ته اخبارن ۽ رسالن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث نبوي ﷺجي حرمت، مقدس هستين جي اسمن ۽ مقدس جاين جي تصويرن جي تحفظ جي حوالي ??ان رهنما اصولي جاري ڪيا وڃن جنهن جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جيڪو هڪ آئيني اداري هجڻ ??ان گڏ حڪومت ۽ پارليامينٽ کي اسلامي مسئلن تي قانوني مشورو ڏيڻ جو ذميوار ادارو آهي، دليل ڏني آهي ته اشتهارن ۾ قرآني آيتن ۽ مقدس نالن کي شايع ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ڇ?? ته ان جو مقصد عوام تائين معلومات کي پهچائڻ آهي. اسلامي نظرياتي حڪومت تي زور ڏن?? ته اها اخبارن ۽ اشتهارن ۾ شايع ٿ??ندڙ مقدس مواد جي تعظيم کي يقيني بڻائي ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي، ان ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن ??ان اجلاس منعقد ڪيا ته جيئن ميڊيا نمائندن کي ان حوالي ??ان آگاهه ڪري سگهجي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رهنما اصولن کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت سمورين اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اخبارن ۽ رسالن ۾ مقدس صحيفن ۽ مقدس مواد جي تحفظ ۽ احترام کي يقيني بڻائين.
وفاقي حڪومت پاران اخبارن ۽ رسالن کي قرآن پاڪ جي تعظيم کي سختي سان ممڪن بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ