اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ ڊگها تاريخي، دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ??رڪ??ه جي عوام گذريل مهيني جي خوفناڪ زلزلي کانپوءِ مشڪل صورتحال جو انتهائي همت ۽ دليري سان مقابلو ڪيو، ??رڪ??ه گذريل سال خوفناڪ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي ڀرپور امداد ڪئي جنهن تي ??رڪ??ه جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??رڪ??ه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ ”پاڪستان نيشنل ڊونرز ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ??رڪ??ه جي سفارتخاني ۽ ترڪش ايرو اسپيس جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب کي نسٽ جي ريڪٽر انجنيئر جاويد محمود بخاري ۽ پاڪستان ۾ ??رڪ??ه جي سفير مهمنت پچاچي کانسواءِ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر زلزلن کان محفوظ تعميرات جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان جاني ۽ مالي نقصان کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته ??رڪ??ه ۽ ننڍي کنڊ جي عوام جي وچ ۾ سوين سالن کان پراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محبت جي بنياد تي قائم دوستي هڪ عظيم خزانو آ??ي جنهن کي مستقبل ۾ به قائم رکڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي دوستي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ??رڪ??ه جي لاءِ خدمتن تي تعليم ۽ سماجي خدمتن جي لاءِ ڪراچي جي مشهور شخصيت حسن علي ۽ قائداعظم جي ساٿي سر عبدالله هارون کي ??رڪ??ه ۾ انتهائي عزت ۽ احترام ڏنو ويندو هو ۽ انهن کي آفندي جو لقب ڏنو ويو هو جيڪو ترڪ – پاڪستان دوستي جو هڪ مثال آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو اهو جذبو اڳتي به جاري رهڻ گهرجي. صدر چيو ته اسان جو حرمين شريفين سان 14 سئو سالا تعلق آهي، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جو ??رڪ??ه سان پڻ ڊگهي تاريخي تعلق رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي جو معيار بلند ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نسٽ يونيورسٽي مون کي هر دلعزيز آهي. هن چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ جنهن ڪمال کي حاصل ڪرڻ جي توهان ڪوشش ڪريو ٿا ان جي پاڪستان ۾ سخت ضرورت آهي، يونيورسٽي شاگردن ۾ علم، هنر ۽ پاڪسانيت جو جذبو به پيدا ڪري رهي آهي، ان وقت اهو قوم جي لاءِ تمام ضروري آهي. صدر چيو ته ??رڪ??ه گذريل سال هولناڪ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي ڀرپور امداد ڪئي جنهن تي اسان ??رڪ??ه جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته خيرات جو جذبو مسلمانن جي روح سان واڳيل آهي ۽ اهو جذبو مسلمانن ۾ اڄ به زندهه آهي. ڊاڪٽر عارف علوي گذريل رات پاڪستان ۾ ايندڙ زلزلي جو ذڪر ڪندي چيو ته زلزلن دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انساني جانين جو زيان روڪي سگهجي. ان کان اڳ نسٽ جي ريڪٽر انجنيئر جاويد محمود بخاري پنهنجي خطاب ۾ ڊونرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ??رڪ??ه ۾ گذريل مهيني تباهي آڻيندڙ زلزلي سان شديد جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، زلزلي سان نقصان جو ڪاٿو 35 ارب ڊالر آهي، زلزلي سان متاثر علائقن ۾ ڪيترائي ادارا امداد ۽ بحالي جو ڪم ڪري رهيا آهن جن کي وسيلا گهربل آهن. هن چيو ته زلزلي جي فوري پوءِ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ??رڪ??ه کي فوري امدادي سامان موڪليو ويو جڏهن ته ??رڪ??ه ۽ شام جي لاءِ مجموعي طور تي هيستائين امدادي سامان تي ٻڌل 8 ڪنسائنمنٽس موڪليو ويون آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي ??رڪ??ه جي سفير مهمنت پچاچي چيو ته پاڪستان ۾ گذريل رات زلزلي سان ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ??رڪ??ه ۾ تازي زلزلي کانپوءِ پاڪستان ??رڪ??ه جي هر ممڪن امداد ڪئي آهي. هن چيو ته زلزلي کانپوءِ 7 فيبروري تي اين ڊي ايم اي جي ٽيم ??رڪ??ه پهچي وئي ۽ ملبي مان وڏي انگ ۾ ماڻهن کي زندهه ڪڍيو، نسٽ کانسواءِ پاڪستان جي سول سوسائٽي پڻ ڀرپور امداد ڪئي. هن چيو ته زلزلي سٽيلن جي لاءِ اين ڊي ايم اي هيستائين 50 هزار ”ونٽر ٽينٽس“ موڪليا آهن، پاڪستان مان مجموعي طور تي هڪ لک خيما ۽ ڏيڍ لک ڪمبل زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليا ويا آهن. هن ??رڪ??ه جي عوام ۽ حڪومت پاران امداد تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڊگها تاريخي، دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará