اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ?? اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان را??طن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ?? تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن را??طن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.
صدر سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ