اسلام آباد-14 جون (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر م??نجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ قومي مون سون ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جي صدارت ڪئي ۽ ڪانفرنس لاءِ بحث هيٺ شعبن ج?? خاڪو پيش ڪيو. ڪانفرنس جو ??قصد سمورن ڌُرين وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مون سون ج?? تياريءَ جي قدمن ج?? جائزو وٺڻ هو. چيئرمين ار??ا ۽ موسمياتي تبديليءَ واري وزارت، ڊزاسٽر م??نجمينٽ جي ادارن، ايمرجنسي سروسز، موسميات کاتي، سپارڪو، اين ايڇ اي، هٿياربند فوج، سي ڊي اي/آءِ سي ٽي، پي ايڇ ايف، اين ايڇ ايفن، ايف ڊبليو او، ايمرجنسي ريسپانس ايجنسين ۽ يو اين او، يو اين ڊي پي ۽ ڊبليو ايڇ ايڇ جي نمائندن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين گذريل 22ع جي ٻوڏ جي تجربن مان سکي ڪري تياريءَ جي اهميت، وقتائتي تربيتي ۽ مون سون ج?? هنگامي صورتحال لاءِ اسٽاڪ پوزيشنز جو جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن عام ماڻهن، انساني حقن ج?? تنظيمن ۽ـ لاڳاپيل کاتن لاءِ ٺوس مشورا ۽ رهنمائيءَ جا ڪتابڙا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آفتن ج?? اثرن کي گهٽائڻ لاءِ فعال قدم ضروري آهن ۽ـ آفتن ج?? حملن کان اڳ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀريو. موسيمات کاتي ايندڙ 3 مهينن ج?? موسمي حال??ن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ اڳواٽ اڳڪٿي ڪيل 2023ع جي گرميءَ جي موسم ۾ شديد موسمي واقعن ج?? امڪان آهي، جنهن سان درياهن ۾ چاڙهه، اوچتو ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آبادگارن ۽ هارين کي انهن واقعن لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ ان تحت ئي رٿابندي ڪرڻ گهرجي. ار??ا چيئرمين آبي ذخيرن ج?? صورتحال بابت آگاهي ڏني. ڊزاسٽر م??نجمينٽ جي صوبائي ۽ علائقائي ادارن مون سون ج?? هنگامي صورتحال لاءِ عوامي جاڳرتا مهم ۽ فرضي مشقن جا تفصيل پيش ڪيا. اين ڊي ايم اي چيئرمين صوبائي اختيارين کي هدايت ڪئي ته مقامي اين ج?? اوز ۽ امدادي تنظيمن سان هم آهنگي پيدا ڪري، مقامي آباديءَ تائين وڌ کان وڌ رسائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ موجب وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين طرفان قومي مون سون ڪوآرڊينيشن منعقد
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ