اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??ران جا??ي بيان موجب پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) کي روڪڻ ۽ سڄي دنيا ۾ غذائي ناڻي واڌ تي ان جي اثرن بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گذريل سال بي ايس جي آئي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي ان کي درخواست ڪئي ته هو تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ان قدم کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون جاري رکي جيڪو سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪري. بلاول ڀٽو زرداري يورپ ۾ قرآن پ??ڪ جي بي حرمتي جي بار بار ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪندي بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو. هن اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪم?? عملي ۽ ايڪشن پلان جوڙي گڏيل قومن جي سطح تي گڏيل ڪارروائي تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن سان پ??ڪستان جي جاري تعاون تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر عورتن کي ”لينڊ ٽائٽلز“ جي فرهامي جي لاءِ شروع ڪيل تازي منصوبي کان پڻ آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II