اسل??م آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊو??نٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن هو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آئي) جنهن جو تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ايل ??ئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ايل ??ئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏينهن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊو??نٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي، اها رقم غريبن جي م??ت علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ۽ پي ڪي ايل ??ئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گڏوگڏ حڪومتي عهديدارن کي انهن جي عظيم قومي خدمتن تي ساراهيو. هن چيو ته اسان گڏجي پي ڪي ايل ??ئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.
هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا