اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حق?? واري نگرا?? وفاقي وزير خليل خارج چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميرين لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي. ڪشمير جو عوام گذريل 76 سالن کان ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۾ آهي ۽ ان دوران لکين بيگناهه ڪشميري شهرين کي بدترين ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڀارت ياد رکي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪشميرين جي جدوجهد هڪ ڏينهن آزاديءَ جو پيغام کڻي ايندي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري هڪ خصوصي پيغام ۾ نگرا?? وفاقي وزير چيو ته ڀارت طاقت جي ڏ?? تي هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي جدوجهد آزادي کي دٻائڻ لاءِ هر ڏينهن نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع جا قدم سلامتي ڪائونسل ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪشميرين کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ انهن کي بنيادي حق?? کان محروم رکڻ آهي. عالمي برادري ۽ انساني حق?? وارا ادارا ڪشميرين تي ظلم خلاف ۽ کين آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام تي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڀر??ور مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي ڪوششن جي خراجِ عقيدت ??يش ڪريون ٿا. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکنداسين. مون کي اميد آهي ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.
27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميرين لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي: خليل جارج
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر