اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انف??رم??شن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان سان ڪيپيٽل يونين آف جرنلسٽس (سي يو جي) جي ??فد ملاقات ڪئي ۽ کيس اخبارن ۽ صحافين جي ??سئلن کان آگاهه ڪيو. جاري پڌرائي موجب وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀا??ڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اخبارن ۽ صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ جي ??اءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. وفد پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان کي ٻڌايو ته پبلشرن ۾ ڪيترائي نان پروفيشنل ماڻهو شامل ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح ڊمي اخبارون به هڪ مسئلو آهي جڏهن ته ننڍين اخبارن جي ڪارڪردگي تي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرنسپل انف??رم??شن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ڊمي اخبارن جي خلاف منظم طريقيڪار اختيار ڪرڻ سميت اشتهارن جي ??نصفاڻي و??ڇ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. وفد ۾ غلام فريد انجم، ذڪي ڊوگر، رائو احسان، سردار ف??اض انجم، محمد مقصود، حاجي دائود ۽ نعيم روحاني ۽ ٻيا شامل هئا.
پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان سان ڪيپيٽل يونين آف جرنلسٽس جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج